سوڀو فقير لغاري

سوڀو فقير لغاري: بزرگ شاعر سوڀو فقير لغاري 1223هه/1820ع ڌاري ڏهرڪيءَ ڀرسان ڳوٺ دائود ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو احمد هو. بعد ۾ سندن خاندان ميرپورماٿيلي ڀرسان داد لغاريءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. سوڀي فقير ابتدائي تعليم فارسيءَ ۾ گلستان بوستان تائين ورتي. سماع جي محفلن سان دلي لڳاءُ هيس هن پوري عمر شادي نه ڪئي. اڪثر وقت عبادت ۽ خلق جي خدمت ۾ گذاريائين. هن سنڌي، سرائيڪي ڪافيون ۽ بيت چيا. سندس ڪلام جو مجموعو ”ديوان درد عشق“ شايع ٿي چڪو آهي. هن 90 ورهين جي ڄمار ۾ 21 ذوالقعد 1325هه/ 1907ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار عالماڻي ڳوٺ، تعلقي ميرپورماٿيلي ۾ آهي.


لفظ سوڀو فقير لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو